پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ عزت خان ڪورائي جو رھواسي نوجوان فرحان علي ڪورائي پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي، ان حوالي سان نوجوان جي والد تاجن خان ڪورائي ٻڌايو ته 2 ڏينهن اڳ پٽ ڳوٺ کان شھر طرف ايندي گم ٿي ويو، ڳولا باوجود سندس پتو ناهي پيو، هن مطالبو ڪيو ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.