حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي پاور هائوس بند ٿي ويا، پيپڪو 719 ملازمن کي سرپلس ڄاڻائي حيسڪو ڏانهن اماڻي ڇڏيو، لاکڙا، گڊو ۽ ٻين پاور ڪمپنين جا 515 ملازم سيپڪو ڏانهن اماڻيا ويا، پاڪستان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني لميٽيڊ (پيپڪو) پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جينڪوز ۾ ملازمت ڪندڙ هڪ کان 17هين گريڊ تائين جي 1234 ملازمن کي حيسڪو ۽ سيپڪو ڏانهن اماڻيو پيو وڃي، جتي کين اسڪيل وائيز ملازمتون ڏنيون وينديون. پيپڪو نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو آهي ته پاور ڪمپني ڄاڻايل ملازمن کي سرپلس ڪرڻ جو فيصلو 29 اپريل تي ڪيو هو. حيسڪو ڏانهن اماڻيل ملازمن ۾ گريڊ هڪ کان 17هين گريڊ تائين جا 719 ملازم شامل آهن، جن ۾ جونيئر انجنيئر، سينيئر ڪلارڪ، اڪائونٽ اسسٽنٽ، آپريٽر، فائيٽر، سپر وائيزر، ڊرائيور، هيلپر، پلمبر، سيڪيورٽي گارڊ ۽ ٻين ڪيٽيگريز جا ملازم شامل آهن. اهڙي ريت پيپڪو ڏانهن اماڻيل ملازمن ۾ گريڊ هڪ کان 16هين گريڊ جا 515 ملازم شامل آهن، جن ۾ اسٽينو ون، آپريٽر، اي جي ٽي، اٽينڊنٽ، ايل ايس ٽو سميت ٻين ڪيٽيگريز جا ملازم ٻڌايا پيا وڃن. رابطو ڪرڻ تي حيسڪو ترجمان محمد صادق ڪٻر ٻڌايو ته ڄاڻايل سمورا ملازم جينڪوز ۾ ملازمت ڪندا هئا. پاور ڪمپنين جا اهي ملازم ڪجهه حيسڪو ۽ ڪجهه وري سيپڪو ڏانهن اماڻيا ويا آهن، جن کي لاڳاپيل بورڊ آف ڊائريڪٽرز ايجنڊا تحت پنهنجن کاتن ۾ مرحليوار ضم ڪندا. هن چيو ته في الحال ڄاڻايل ملازم سرپلس آهن، جيستائين حيسڪو يا سيپڪو ۾ کين ملازمت نه ملندي تيستائين سندن پگهارون توڙي ٻين مراعتن وارو معاملو پيپڪو کي ڏسڻو آهي. هوڏانهن سرپلس ملازم بي چيني جو شڪار ٿي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄامشورو، ڪوٽڙي، گڊو سميت ٻيا پاور هائوس بند ٿيڻ بعد ڄاڻايل ملازمن کي نوڪرين تان بيدخل ڪرڻ لاءِ کين حيسڪو ۽ سيپڪو ڏانهن اماڻيو ويو آهي پر ذريعن دعويٰ ڪئي ته حيسڪو توڙي سيپڪو ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ آساميون خالي نه آهن جو انهن ملازمن کي پنهنجن پنهنجن ادارن ۾ ملازمتون ڏئي سگهن.