لاهور (بيورو رپورٽ) ريلوي واري وزير اعظم سواتي ريلوي مان گهوسٽ ملازم فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ريلوي ملازمن جو انگ ڪيترو آهي؟ ڪيترا ڪم ڪن ٿا ۽ ڪيترا غير حاضر ٿا رهن، ان حوالي سان ريلوي جي وزير هڪ سرڪلر ۾ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ريلوي جي مستقل ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن جا دستاويز گڏ ڪرڻ لاءِ 9 ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن. سرڪلر ۾ چيو ويو آهي ته جاچ ڪاميٽين جا ميمبر حاضر ملازمن سان ذاتي طور تي ملن، جاچ ڪاميٽين کي 25 مئي تائين رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سمورا ڊويزنل آفيسر ۽ ملازمن دستاويزن جي سلسلي ۾ ڪاميٽين سان سهڪار ڪن.