ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پالتو شينهن جي نينگر تي حملي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪري پالتو شينهن جي مالڪ سميت 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ورتو، ايس پي گلبرگ محمد اظهر مغل موجب وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس ٽيم ڪارروائي ڪري جوابدار سعد بن اسلم صديقي ۽ سندس پٽ روشن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدارن ٻڌايو ته سندن شينهن فارم هائوس تي پليو هو، شينهن کي ننڍو ڀاءُ اسامه گهر کڻي آيو ،گهر ٻاهران شينهن هڪ نينگر تي حملو ڪري کيس شديد زخمي ڪيو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد شهين کي واپس فارم هائوس تي ڇڏيو ويو.