ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ قاضي احمد واسي نوجوان کي ماسي ۽ سس سان ڪارو قرار ڏئي مارڻ وارو واقعو، مقتول جي ماسي ۽ سس جو هٿ پير ٻڌل ۽ اڳٺ سان گھٽا ڏنل لاش قبرستان مان هٿ، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب قاضي احمد واسي نوجوان قربان رند کي اڱاري واري ڏينهن شيرشاهه واري علائقي مان اغوا ڪرڻ بعد ڏنڊن ۽ لوهي سرين سان بدترين نموني تشدد بعد ماري سندس لاش گٽرنالي ۾ اڇلايو ويو هو، سندس لاش اربع واري ڏينهن نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا جي گٽر نالي مان هٿ آيو هو، جنهن جو ڪيس شيرشاهه ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو، ڪيس ۾ سدورو ولد راحب، سندس ڀاءَ اڪرم، مجيد، سندس ڀاءَ محمد نواز ۽ ڪاشف پٽ محمد نواز کي نامزد ڪيو ويو هو، ڪالهه مقتول نوجوان جي ماسي ۽ سس الهه بچائي بوزدار جو به تشدد ٿيل، اڳٺ سان گھٽا ڏنل ۽ هٿ پير ٻڌل لاش نيوڪراچي جي خميسو ڳوٺ ڀرسان قبرستان مان هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتوله جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، مقتوله جي ڀاءَ موجب الهه بچائي جا 6 ٻار آهن. هن چيو ته قربان رند شيرشاهه ۾ پنهنجي ماسي جي گھر عيد ملڻ ويو هو، جتي ٻنهي کي اغوا ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري لاش اڇلايا ويا آهن، هن چيو ته منهنجي ڀيڻ الهه بچائي جي قتل ۾ سندس مڙس نواز، ڏير مجيد، سوٽ شريف، رياض ۽ ٻيا ملوث آهن، هن چيو ته قربان جو سڱ پنهنجي ماسات سان طئه ٿيل هو، قربان جي ڀيڻ جي ســڱاوتي وري سندس ماسات سان طئه ٿيل هو، انهي سڱاوتي تي نواز جو ڀاءَ مجيد خوش نه هو. هن چيو ته اجايو الزام هڻي ٻنهي کي بيرحماڻي طريقي سان قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتوله جو تعلق خانپور مهر سان هو، سندس وارثن سان رابطو ڪيو آهي، وارث بيان ڏيندا ته ان تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو.