تنگواڻي/ميرپور ٻرڙو/سجاول جوڻيجو/گاجي کهاوڙ (نمائندن وٽان) تنگواڻي، ميرپور ٻرڙو، سجاول جوڻيجو ۽ گاجي کهاوڙ ۾ ارڙي وگهي 3 ٻارڙا فوت، ڪيترائي مرض ۾ مبتلا. اسپتال ڀيڙا. خبر موجب تنگواڻي ويجهو ڳوٺ صبح صادق کوسو ۾ 2 معصوم ٻارڙا 2 سالن جو عامر لاشاري ۽ 3 ورهين جي بلقيس لاشاري ارڙي وگهي فوت ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ مهيني دوران ڳوٺ احمّد علي بهلڪاڻي، ڳوٺ ڪمال مگسي، ڳوٺ ميانداد جعفري، شيخ پاڙي، مدرسا محلي، ملڪ محلي ۾ 10 کان وڌيڪ ٻارڙا ارڙي سبب فوت ٿي چڪا آهن. ميرپور ٻرڙو ۽ ڀرپاسي ۾ ارڙي تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، ڪالهه ڳوٺ عبدالحميد ٻرڙو ۾ ارڙي وگهي ٽن ورهين جو جنسار پٽ منير احمد ٻرڙو فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي، سجاول جوڻيجو ۾ 18 مهينن جي نينگري شھزادي ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، جنھن کي اسپتال نيو ويو، هوڏانهن ڳوٺ محمدي ٽانوري ۾ پڻ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. گاجي کهاوڙ لڳ ڳوٺ بهار ملاڻو ۾ پورهيت سون ملاڻو جا 3 معصوم ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، بيماري ۾ بتلا ٻارڙن ۾ احمد ملاڻو، الله بچايو ملاڻو ۽ ميثمه ملاڻو شامل آهن، جن کي لاڙڪاڻي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آھي. مريض ٻارڙن جو 3 ورهين جو ڀاءُ علي مدد ملاڻو 10 ڏينهن اڳ ارڙي ۾ فوت ٿي ويو هو.