ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ڀرسان موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري عورت فوت ٿي وئي. درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي تي زيارت لاءِ ايندڙ حيدرآباد واسڻ مسمات رابيا حاجاڻو موٽر سائيڪل تان ڪري فوت ٿي وئي. فوتي عورت جو لاش ڀٽ شاھ صحت مرڪز پهچايو ويو، عورت پنهنجي مائٽ رفيق حاجاڻو سان گڏ درگاه ڀٽائي تي زيارت لاء اچي رهي هئي ته روينيو چوڪ ڀرسان ٽائر هيٺان پٿر اچڻ ڪري موٽر سائيڪل سلپ ٿي ڪري پئي.