گھوڙاٻاري ( ن پ ا ) لاڙ پٽي جي ضلعي ٺٽي جي ڳاڙهو شهر سان تعلق رکندڙ ماهيگير سومار لاشاري پيٽ گذر لا۽ لانچ ۾ بلوچستان جي سامونڊي حدن ۾ مڇي جو شڪار ڪندي اوچتو لانچ مان اونهي سمنڊ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو. اطلاعن موجب مقامي انتظاميه لاش جي ڳولا ڪري رهي آھي پر لاش نه مليو آھي ٻئي طرف مرحوم جي گهر ۾ ڪهرام متل آھي علائقي واسي سندس تڏي تي پهچي رهيا آھن وارثن پاران حڪومت کي لاش جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل سان گڏ ڊي سي ٺٽو کي واھر جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته ڊي سي ٺٽو مرحوم ماهيگير سومار لاشاري جي ٻچن جي سهائتا ڪري مرحوم شادي شده هيو سندس پونيئرن ۾ ھڪ بيواھ  ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ جو اولاد هئس.