پنگريو(ن پ ا) پنگريي ويجھو زرداري فارم لڳ ڳوٺ عرس ملاح جي رھواسي پورھيت  گلشير ملاح جو  15 ورهين جو پٽ صدام ملاح برساتي پاڻي جي کڏي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. 15سالا نينگر صدام ملاح، ڪاٺيون ڪرڻ لا۽ گھران نڪتو ھو، جنھن کي 4 ڏينھن گذري ويا پر مسلسل لاپتا رھيو. وارثن پاران ڪافي ڳولا ڪئي وئي پر ڪٿان کان ڪو پتو نہ مليو، جنھن جو لاش  صبح سوير گھر جي اڳيان برساتي پاڻي جي کڏي   مان لاش مليو  چوٻول آھن ته صدام ملاح کي مرگھي جا دؤرا پوندا ھئا جنھن ڪري  ھو گھرن جي اڳيان کوٽيل کڏي ۾ ڪري پيو، ۽  ٻڏي فوت ٿي ويو.