ڀان سيدآباد ( ن پ ا) سيوهڻ جي يونين ڪائونسل جهانگارا ۾ قائم بڊي جبل تي قائم تيل ڪمپني پاران مقامي ماڻهن کي بنيادي سهولتون نہ ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪمپني جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو. احتجاج ۾ اڳوڻو وفاقي وزير سردار يارمحمد رند بہ يڪجهتي طور شريڪ ٿي رهواسين جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، خطاب ڪندي يارمحمد رند چيو تہ تيل ڪمپني بڊي جبل تي مقامي رهواسين کي بنيادي حق ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، حق گهرڻ تان رينجرز ۽ پوليس گهرائي مقامي رهواسين کي حراسان ڪيو پيو وڃي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي،هتي 9 تيل ۽ گئس جا کوهہ آهن جتان ڪروڙين روپين جو تيل ۽ گئس  ڪڍيو وڃي ٿو پر افسوس تہ بڊي جبل جا رهواسي شاهوڪار هجڻ باوجود بہ بک ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڊي جي رينجرز ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي نوٽيس وٺي مقامي رهواسين کي پنهنجا بنيادي حق ڏيارين، ڌرڻي کي مقامي ماڻهن خميسو خان گائينچو، رمضان گائينچو،فيض محمد، سونو خان گائينچو، رسول بخش گائينچو، ارباب گائينچو، سائين بخش گائينچو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ بڊي جبل تي قائم پرائيم پاڪستان تيل ڪمپني مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهي آهي، بڊي جبل تي مقامي رهواسين کي تعليم، صحت ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، مقامي ماڻهن کي روزگار بہ ناهي فراهم ڪيو ويو، رائلٽي بہ نہ ٿي ڏني وڃي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. احتجاج جو نوٽيس وٺي صحت، تعليم، روزگار ۽ رائلٽي جا  حق ڏياريا وڃن ٻي صورت ۾ هو ڪمپني جي مين گيٽ اڳيان بک هڙتال ۽ انڊس هاء وي روڊ بلاڪ ڪندا جنهن جي ذميواري پرائيم پاڪستان تيل ڪمپني مٿان هوندي.