نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ۾ الشھباز ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن سنڌ پاران ملازمن آفيسرن جي مبينا ڪرپشن خلاف اسڪارپ کاتي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر آفيس ٻاھران 3 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي اڳواڻن مظھر عباس چنه، خادم ڏيٿو، امجد تڳر، ھادي بخش ھاليپوٽو، فدا شيرازي، قمر شاهه ۽ ٻين چيو ته نوشھروفيروز ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي نالي چيف انجنيئر، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ کاتي جي هڪ رٽائرڊ ملازم ڪرپشن ڪري سمورا ٽيوب ويل ۽ پمپنگ اسٽيشنز تباهه ڪري ڇڏيون آهن، جنھن سان آبادگارن کي سخت نقصان پھچي رھيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.