جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ صحت کاتي جي ڪورونا ڊيلي ويجز ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ ۽ ريگيولر نه ڪرڻ خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي عابد علي سيال، راجا عامر شاهه ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا جي خطرناڪ مرض دوران پنھنجو جان جوکي ۾ وجهي ڊيوٽيون ڪيون ويون آھن، گذريل اٺ مھينن کان پگھارون نه ٿيون ڏنيون وڃن تنھن ڪري مھانگائي جي دور ۾ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن.