نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز)  ڀارت ۾ گھوٽ، پنهنجي ڪنوار کي اسٽيج تان لايهيندي ڪيرائي وڌيو.  جنهن جي مزاحيه وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ڀارت ۾ مختلف خاندانن جي هڪ رسم آهي ته گهوٽ ڪنوار کي کڻي گاڏي تائين ويندو آهي، جنهن تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ مائٽن ۽ ويجهن مائٽن پاران ڀرپور آجيان ڪئي ويندي آهي. اهڙن واقعن ۾ ڪيترائي کل جوڳا واقعا پيش اچن ٿا، اهڙو هڪ واقعو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي ته هڪ گهوٽ ڪنوار کي کڻي وڃي رهيو هو ته ٻئي ڄڻا اسٽيج تان هيٺ ڪري پيا. واقعي تي گهوٽ ڏاڍو شرمسار ٿيو پر معاملي کي چڱيءَ ريت سنڀالي ويو، جنهن کي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان به پسند ڪيو پيو وڃي.