ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا راکي ساونت مسلمان ٿي پنهنجي دوست عادل خان سان شادي ڪري ورتي آهي. گذريل ڏينهن کان ڀارتي ڊانسر ۽ اداڪارا راڪي ساونت جي شادي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جن مان هڪ ۾ راکي کي اسلام قبول ڪندي ڏسي سگھجي ٿو. وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته راکي شادي کان اڳ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي، جنهن بعد هن پنهنجو مسلمان نالو به تبديل ڪري ورتو، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا پنهنجو نئون نالو فاطمه رکيو آهي. راکي ساونت عادل خان سان شادي پنهنجي خاندان ۽ چند دوستن جي موجودگي ۾ سادگيءَ سان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر ان جي ابتڙ سندس شادي ڪرڻ بدران سادگيءَ سان شادي ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.