اوڊيشا (انٽرسٽنگ نيوز) هڪ هندستاني ڪاريگر دنيا جي سڀ کان ننڍي هاڪي اسٽڪ ٺاهي ورتي آهي، جنهن جي ماپ هڪ سينٽي ميٽر ڊگهو ۽ ويڪر هڪ ملي ميٽر آهي. ستينارائن مهارانا اصل ۾ ٻه هاڪي اسٽڪ ٺاهيا هئا، جن مان هڪ پنج ملي ميٽر ڊگهو ۽ هڪ ملي ميٽر ويڪرو آهي. هن شاهڪار پنهنجي هٿن سان ٺاهيو. هن رڪارڊ لاءِ گينيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ سان به رابطو ڪيو آهي. مردن جو هاڪي ورلڊ ڪپ هن سال ڀارت ۾ ٿي رهيو آهي ۽ پهرين ميچ 13 جنوري تي کيڏي ويندي. جيئن ته اوڙيسا انهن مقابلن جو ميزبان آهي، ان ڪري شهر جي فنڪار ستيانارائن دنيا جي سڀ کان ننڍي هاڪي اسٽڪ ٺاهي آهي.