ڀارت ۾ گهوٽ ڪنوار کي بصر ۽ ٿوم جو هار پارائي ڇڏيو

0
438

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ وڌندڙ قيمتن سبب بصر کي هاڻ سون جي طور تي ڏٺو پيو وڃي. اهوئي سبب آهي ته ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ٿيندڙ شادي ۾ گهوٽ منهن ڏيکارڻ واري رسم ۾ ڪنوار کي گلن جي بجاءِ بصر ۽ ٿوم جو هار پارايو.ميڊيا رپورٽ موجب شادي ۾ گهوٽ ڪنوار کي بصر ۽ ٿوم جو هار پارائي محبت جو اظهار ڪيو ۽ سڄي زندگي ساٿ نڀائڻ جو واعدو ڪيو. ان موقعي تي مهمان به پوئتي نه رهيا ۽ نئين جوڙي کي مختلف ڀاڄين جا هار پارايا.ڀارت ۾ هن وقت ڀاڄين جون قيمتون ايتريون وڌي ويون آهن جو حڪومت جي خلاف احتجاج جي طور تي خوشي جي موقعي تي گلن جي بجاءِ ڀاڄين جا هار پارايا پيا وڃن.شادي ۾ ايندڙ هڪ مهمان جو چوڻ هو ته بصر جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن جنهن کان پوءِ اسان سوچيو ته سون جي جڳهه بصر ئي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيون.