عورت ٻار لاءِ گهر ۾ پنهنجي شڪل جا ڪارڊ بورڊ لڳائي ڇڏيا

0
443

ٽوڪيو (دلچسپ نيوز) ننڍا ٻار هر وقت نظرن جي سامهون پنهنجي ماءُ کي ڏسڻ چاهيندا آهن ۽ ان جي لاءِ هڪ جاپاني عورت حقيقت سان ڀريل پنهنجي قد جيترا پوسٽر ٺهرايا آهن ۽ ڪٽ آئوٽ جي صورت ۾ گهر جي مختلف ڪمرن ۾ لڳائي ڇڏيا آهن.جاپان ۾ هڪ جوڙي ڏٺو ته ان جو هڪ ساله ٻارڙو ماءُ جي غير موجودگي ۾ روئيندو رهندو آهي ۽ ان جي ڪري سندس ماءُ ڪم به نه ڪري سگهندي هئي. ان جو حل ڪڍندي فوڪي سينو نالي عورت هڪ ذهانت سان ڀريل تجربو ڪيو. هن پنهنجي تصوير ڪڍرائي ان جا پوسٽر ڇپرايا ۽ انهن پوسٽرن کي پنهنجي اصل قد وارن گتن تي لڳائي مختلف ڪمرن ۾ اهڙي جڳهه تي رکي ڇڏيو جتي ٻارڙو ان کي ڏسي سگهي.ان جو حل اهو نڪتو ته ٻار ماءُ جا ويجهو کان پوسٽر ڏسي مطمئن رهيو ۽ روئڻ به ڇڏي ڏنو. هي تصوير اڃان به جاپان جي سوشل ميڊيا تي مشهور ٿي رهي آهي جتي ماڻهن ان عمل جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي اتي ئي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته والدين طرفان ٻار جو ايترو خيال رکندڙ هي جوڙو تعريف جوڳو آهي.اهڙي طرح فوڪي سيٽو پاڻ به تمام گهڻو سڪون ۾ آهي ۽ ٻار به خوش آهي ان ٻار جي وائرل وڊيو ۾ اوهان ان جي ماءُ جي تصوير هر ڪمري ۾ ڏسي سگهو ٿا.