ڀارت ۾ ڪورونا: اڪشي ڪمار پاران ھڪ ڪروڙ امداد ڏيڻ جو اعلان

0
370

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار ڀارت ۾ پکڙيل عالمي وبا ڪورونا جي خلاف قدم کڻڻ جي لاءِ ھڪ ڪروڙ رپين جي مالي امداد پيش ڪري ڇڏي آھي، اڪشي ڪمار اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ سياستدان گوتم گنڀير جي فائونڊيشن کي ڪورونا خلاف قدم کڻڻ جي حوالي سان ھڪ ڪروڙ مالي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي، گوتم گنڀير سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اڪشي ڪمار جو شڪريو بھ ادا ڪيو، اڪشي ڪمار جي اھڙي قدم کي سوشل ميڊيا تي ساراھيو پيو وڃي.