اڏيرولال ۾ ساهرن پاران مبينا گهران ڪڍيل ناري جو احتجاج

0
406

اڏيرو لال (ن پ ا) اڏيرولال ۾ مڙس ۽ ساهرن پاران مبينا گهران ڪڍيل ناري جو نائين ڏينهن به احتجاج جاري آهي، ناري سنيتا بند پيل گهر آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته مڙس، سس ۽ سهري زبردستي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته ساهرا جرڳو ڪرائڻ چاهين ٿا، انصاف نه مليو ته نصير واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏينديس.