نيوسعيدآباد: حاجاڻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 10 ڄڻا زخمي

0
314

نيو سعيد آباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو گوٺ بگو حاجاڻو ۾ حاجاڻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن عورتن شھزادي، زرينا ۽ حسينا سميت 10ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻين زخمين ۾ محبوب علي، علي جان، ظھور علي، عبدالغفور، گل حسن، حبيب ۽ فياض شامل آهن، گذريل ڏينھن حاجاڻا برادري ۾ زال مڙس ۾ جھيڙو ٿي پيو ان کي ڇڏائڻ تان جھيڙو وڌي ويو، اڄ نيوسعيدآباد ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ايندڙ فريادي ڌر تي جوابدار ڌر حملو ڪيو، نيوسعيدآباد پوليس 10 ڄڻن کان مٿي ماڻھن کي لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ ٻنھي ڌرين جي زخمين کي علاج لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو.