ڀارت ۾ مينهن پاڻ ئي پنهنجي مالڪ جو فيصلو ڪري ورتو

0
413

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ مينهن پاڻ ئي پنهنجي مالڪ جو فيصلو ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ انوکي واقعي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس کي هڪ مينهن هٿ آئي جيڪا هو ٿاڻي تي کڻي آيا، ڪمل نالي ڳوٺاڻي ٿاڻي تي پهچي مينهن جي مالڪي ڄاڻائي جنهن بعد پوليس مينهن ان جي حوالي ڪري ڇڏي. گوپال نالي هڪ ٻيوڳوٺاڻومينهن جي مالڪي ڄاڻائي ٿاڻي پهچي ويو، ٻنهي ۾ مالڪي تان تڪرار تيز ٿيڻ بعد پوليس فيصلو ڪيو ته مينهن کي کولي ڇڏيون ٿا هو پاڻ ئي فيصلو ڪندي پوليس جي ان انوکي فيصلي تي مالڪي جا دعويدار راضي ٿي ويا، پوليس جڏهن مينهن کي کوليو ته مينهن گوپال جي گهر وڃڻ بدران ڪمل جي گهر رواني ٿي وئي، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين پاران دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن. ڪجهه صارفين جو چوڻ آهي ته مينهن پاڻ فيصلو ڪيو ته سندس مالڪ ڪير آهي.