پوليس اهلڪار جي گهر مان چوري:چورمعافي نامو ڇڏي ويا

0
502

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) پوليس اهلڪار جي گهر مان چوري، چورمعافي نامو ڇڏي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي ضلعي ڀنڊ ۾ چوري جي انوکي واردات پيش آئي. چورهڪ پوليس اهلڪارجي گهرمان قيمتي سامان چوري ڪري ويو، اطلاع تي پوليس پهچي گهر جو معائنو ڪيو ته هڪ معافي نامو مليو جنهن ۾ لکيل هو ته جيڪڏهن آئون هي چوري نه ڪريان ها ته منهنجو دوست مري وڃي ها، انڪري منهنجي معافي قبول ڪريو ۽ فڪر نه ڪريو جيئن ئي مونکي پيسا ملندا آئون اوهان کي واپس ڪندس. پوليس موجب متاثر اهلڪار علائقي ۾ ڊيوٽي تي مقرر ٿيل آهي جڏهن ته سندس گهرڀاتي ڪنهن تقريب ۾ ويل هئا، پوليس جو چوڻ آهي ته واردات مان لڳي ٿو ته چور مقامي ماڻهو آهي ۽ کيس پوليس اهلڪار بابت مڪمل ڄاڻ هئي، چوري جي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.