ڪراچي جي منڊي ۾ اڍائي لک جانور پهتل، اگهن ۾ واڌ، خريدار پريشان

0
456

ڪراچي (ڪامرس نيوز) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي مال پڙي ۾ وڌيڪ 50 هزار جانور آندا ويا آهن جنهن بعد آندل جانورن جو انگ اڍائي لک کان وڌي ويو آهي. منڊي جو جنرل بلاڪ به واپارين لاٰءِ کوليو ويو آهي. وڌيڪ 50 هزار جانور پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن مان آندا ويا آهن. منڊي انتظاميا بهترين انتظام ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي. منڊي ۾ اٺ، ڳئون، ڍڳن، ٻڪرن ۽ گهيٽن لاءِ ڌار ڌار بلاڪ قائم ڪيا ويا آهن. منڊي ۾ ڪيترائي مهانگا جانور به آندا ويا آهن جن جي قيمت لکين رپين ۾ آهي. جڏهن ته ٻڪرن جو ملهه هزارين رپين ۾ رکيو ويو آهي.