ڀارت ۾ اڄ کان واٽس ايپ، فيس بڪ، انسٽا ۽ ٽوئٽر تي پابندي لڳائڻ جو امڪان

0
432

ڀارت ۾ سوشل ميڊيا جي مقبول ترين نيٽ ورڪنگ سائيٽس فيس بڪ، انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ٽوئٽر تي اڄ کان پابندي لڳائڻ جو امڪان طاھر ڪيو ويو آھي. ڀارت جي ميڊيا موجب ڀارت ۾ سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽس اڄ کان انفارمينسن ٽيڪنالاجي جي لاءِ نيئن قانون جي گرفت ۾ آھي ۽ ھن تي پابندي کان بچڻ جي لاءِ سڀني سوشل ميڊيا سائيٽس کي نئين آئي ٽي قانون تي عمل درآمد ڪرڻو پوندو. ميڊيا رپورٽ موجب ڀارتي حڪومت 3 مھينا اڳ سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽس کي پنھنجي نئين ھدايت کان آگاھھ ڪري ڇڏيو ھو ۽ چيو ھوتھ ڪمپنيون جلد نئين قانون تي قاعدن تي عمل درآمد ڪن. ڀارت حڪومت جي نئين قانون موجب سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي ڀارت ۾ پنھنجا رابطا ۽ شڪايتي آفيسر ڪرڻا ھوندا، ۽ ڀارتي اختيارين کي شڪايت تي ڪنھن بھ مواد کي 36 ڪلاڪن اندر ھٽائڻو ھوندو. آئي ٽي جي نئين قانونن تي عمل درآمد متعلق گوگل ۽ فيس بڪ انتظاميھ جو چوڻ ھو تھ ھو نئين قانون تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن، ٻئي پاسي واٽس ايپ ھن نئين قاعدن جي خلاف نئين دھلي جي عدالت ۾ حڪومت خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. خيال رھي تھ ڀارت حڪومت طرفان سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽس کي ڏنل ڊيڊلائين جو وقت ختم ٿي چڪو آھي جنھن کانپوءِ نوان قاعدا اڄ کان لاڳو ٿي ويا آھن.