ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي کوٽ 17 سيڪڙو کان به وڌي سگهي ٿي: ارسا

0
247

اسلام آباد: ارسا پاران اڄ پاڻي ذخيرن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ارسا جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو مشاهدو ڪيو ويو آهي ته ڪالهه کان دريائن ۾ پاڻي جي سطح وڌيڪ 18800 ڪيوسڪ گهٽ ٿي وئي آهي، اهو به نوٽ ڪيو ويو آهي ته تربيلا ڊيم ايندڙ 24/48 ڪلاڪن ۾ پنهنجي ڊيڊ ليول تائين پهچي سگهي ٿو. اها حالت ڏسي، ارسا سمجهي ٿي ته ايندڙ ڏينهن ۾ صوبن جو پاڻي وارو حصو گهٽ ٿي سگهي ٿو. اهو پڻ محسوس ڪيو ويو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ، پاڻي جي قلت ، جيڪا 24 مئي تي 17 سيڪڙو هئي، سا اڃان به وڌي سگهي ٿي، صوبن کي ان صورتحال کان آگاھ ڪيو ويو آھي