سڊني(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ڀارت خلاف ميچ ۾ فاسٽ بالرز کي اهم هٿيار قرار ڏئي ڇڏيو. آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي تيارين جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ڪپتان بابراعظم چيو ته شاهين شاهه جي موجودگي ۾ اسان جي فاسٽ بولنگ جو شعبو گهڻو مضبوط آهي، اميد آهي شاهين زبردست طريقي سان ڪم بيڪ ڪندو. هن چيو ته اسان جا فاسٽ بالرن ٽيم جي ڪاميابين ۾ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، آسٽريلوي ڪنڊيشنز ۾ به اهي زبردست پرفارمنس ڏيڻ جي اهليت رکن ٿا، خاص طور تي حارث رئوف آخري اوورن ۾ تمام سٺي بولنگ ڪري پاڻ مڃرايو آهي. بابراعظم چيو ته ڀارت سميت ورلڊ ڪپ جي هر ميچ لاءِ بيٽنگ، بولنگ جي سٺي تياري ڪئي آهي ۽ ٽورنامينٽ ۾ ڀرپور پرفارمنس ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. قومي ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته ڀارت خلاف ميچ هميشه ئي گهڻي پريشر واري ۽ جذبات سان ڀرپور هوندي آهي، ٻنهي ٽيمن جي مداحن لاءِ اها ميچ هڪ خاص اهميت رکندي آهي. هوڏانهن ڀارتي ڪپتان روهت شرما پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته بابراعظم سان ملاقات دوران هڪ ٻئي جي خيريت پڇا ڪئي ۽ فيمليز جو حال احوال پڇيو، جڏهن ته زندگي ڪيئن گذري رهي آهي ۽ نئين گاڏيءَ جي حوالي سان معلومات ورتي. ڀارتي ڪپتان پاڪستان خلاف ميچ جي حوالي سان چيو ته ميچ لاءِ آخري منٽ ۾ ڪو به فيصلو نه ڪنداسين، ٽي 20 ۾ هاڻي هر ٽيم جي ڪوشش هوندي آهي ته هن جو گڏيل اسڪور 200 جي ويجهو هجي. روهت شرما چيو ته جسپريت بمراه جي ڪمي محسوس ٿيندي، اهم ايونٽ کان اڳ هن جو زخمي ٿيڻ اسان لاءِ سٺي خبر نه آهي.