ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ مداح ناريءَ پاڪستاني ڪرڪيٽر شاداب خان کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي. سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ مداحن کي شاداب خان سان ملندي ڏسي سگهجي ٿو. هڪ مداح ناريءَ شاداب خان کي شاديءَ جي آڇ به ڪئي. شاداب خان ڪيوي مداح کي شادي جي آڇ جو ته ڪوبه جواب نه ڏنو پر پنهنجو ٽرائوزر ضرور گفٽ ڪري ڇڏيو. شاداب جي مداح ناريءَ جو چوڻ هو ته اهو شرميلو آهي ان لاءِ مان هن کي شاديءَ جي آڇ ڪئي، شاداب سٺو رانديگر آهي ۽ مان هن سان محبت ڪندي آهيان.