نئين دهلي: (دلچسپ نيوز) ڀارتي سپريم ڪورٽ جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ عملي جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي آهي جنهن کان پوءِ ڀارتي سپريم ڪورٽ جي سمورن ججز کي گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب 50 سيڪڙو کان وڌيڪ عملي جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسز جي ٻڌڻي وڊيو لنڪ ذريعي ڪئي ويندي. ڀارتي سپريم ڪورٽ اسٽاف ۽ ان جي فيملي جو ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ سبب اهو فيصلو ڪيو ويو.ڪورونا جي خطرناڪ صورتحال کي ڏسندي چيف جسٽس انڊيا ۽ ٻين ججز فيصلو ڪيو آهي ته انتهائي حد تائين احتياط ضروري آهي ڇو ته گذريل سال به ڇهه سينئر ججز ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا هئا.