لنڊن: (دلچسپ نيوز)اوهان ڪيترين ئي ويب سائٽس تي تبصرا ڪرڻ سان گڏوگڏ تير جي مٿين ۽ هيٺين رخ جا نشان ڏٺا هوندا. ان کي ڪمنٽس ڪي اپ ۽ ڊائون ووٽنگ چوندا آهن. هاڻ فيس بڪ مختلف گروپن لاءِ هن آپشن تي ڪم ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح ڪنهن گروپ تي جاري بحث ۾ شامل ماڻهن جي راءِ کي اوهان ووٽ يا ڊائون ووٽ ڏئي تبصري کي اهم بنائي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهو ٿا.فيس بڪ نومبر 2020 ۾ ان تي ڪم ڪيو هو ۽ هاڻ ٻيهر ان جي آزمائش ڪئي پئي وڃي. اهڙي طرح ڪنهن جي راءِ کي قابل قدر يا غير اهم قرار ڏيڻ ۾ مدد ملندي. پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا جي ماهر جوبانس وان زل پنهنجي بلاگ ۾ ان جي نشاندهي ڪئي آهي. پر اها خبر ناهي ته هي آپشن ڪڏهن پيش ڪيو ويندو ۽ ان جي اندروني آزمائش ڪيستائين جاري رهندي.ڪجهه تجزيه نگارن فيس بڪ جي نئين آپشن جي آڌار تي ان کي سڃاتو آهي اهڙي طرح ڪنهن پوسٽ تي ڪمنٽس کي بهتر ۽ معلوماتي قرار ڏئي سگهجي ٿو يا پوءِ ان کي غير اهم قرار ڏيڻ ۾ به مدد ملي سگهي ٿي پر فيس بڪ ورڪ پليس تي اپ ۽ ڊائون ڪمنٽس جو آپشن اڳ ئي موجود آهي.ان کان اڳ 2010 ۾ به فيس بڪ گروپ بدران گڏيل صارفين جي پوسٽ تي به اپ ۽ ڊائون ووٽنگ جي سهوليت جو تجربو ڪيو ويو هو.