ڇاڇرو (ن پ ا) ٿر جي فطري حسن مور پکين ۾ پکڙيل راڻي کيت بيماري سبب وڌيڪ 5 مور مري ويا، علائقي واسين موجب ٿر جي ڳوٺ ميگي جو تڙ ويجهو راڻي کيت بيماري سبب وڌيڪ پنج مور پکي مري ويا، ڳوٺاڻن موجب ڪيترائي مور بيماري  ۾ ورتل آهن، هنن ٻڌايو ته بيمار سبب مور اکين جي نور کان محروم ٿي تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بيمار مورن جو علاج ڪرائي کين بچايو وڃي،