مٽياري (رپوٽر) ميمڻ ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ دڪان جي مالڪي تان جهيڙي بعد پوليس جي مبينا زيادتين  خلاف کوسا برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  نيشنل کوسا اتحاد پاران غلام مرتضا کوسو، خالد حسين کوسو،دودو کوسو، محبوب کوسو، شمن کوسو جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھرين جو چوڻ ھو تہ سرڪاري دڪان جيڪي اسان جي ھمراھ فقير محمد کوسو جي قبضي ۾ آھن، انھن تي ميمڻ برادري جي ڪجھ ماڻھن پاران قبضو ڪرڻ لاء فقير محمد کوسو تي حملو ڪيو ويو، جنھن ۾ اسان جو ھمراھ فقير محمد کوسو سخت زخمي ٿي پيو، جنھن بعد مٽياري پوليس پھچي اسان جا سمورا دڪان بند ڪرائي ڇڏيا ۽ اسان جي زخمي ٿيل ھمراھ کي اسپتال مان گرفتار ڪري مٿس سخت تشدد ڪيو، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او مٽياري جو چوڻ ھو تہ سرڪاري دڪانن جي مالڪي تان جھيڙو آھي اسان جي ڪوشش آھي تہ جھيڙو ٽاريون ان ڪري اسان جھيڙي واري ڏينھن ٻنھي ڌرين جا ماڻھو گرفتار ڪيا ھئا، اسان جو پاسو نہ پيا وٺون خوامخواھ اسان تي الزام ھنيو پيو وڃي دڪان ٻنھي ڌرين پاڻ بند ڪيا آهن اسان جو ان معاملي سان ڪو واسطو ناھي اسان جو ڪم اھي امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جيڪو اسان ڪيون پيا باقي اسان ڪنھن جي بہ سائيڊ نہ پيا وٺون.