نوري آباد (ن پ ا) جھمپير ۽ ميٽنگ واري علائقي ۾ قائم ڪوئلي جي کاڻين ڪول مائينز ۾ ٿيل سانحي کانپوء سنڌ حڪومت طرفان گذريل ھڪ مھيني کان بند ڪيل ڪوئلي جي کاڻين جا  مقامي پورھيت بيروزگار ٿي فاقہ ڪشي تي مجبور ٿي  ويا آھن، ان سلسلي ۾ بيروزگار ٿيل مقامي مزدور عيدن بروھي، علي نواز چانگ ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي تہ سنڌ حڪومت طرفان ڪوئلي جون کاڻيون گذريل ھڪ مھيني کان بند ڪري ساڻن گڏ سوين پورھيتن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آھي، جن جا ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھنن گھر ڪئي تہ فورن سيفٽي پاليسي تي مڪمل عمل ڪرائي بند ٿيل ڪوئلي جون کاڻيون ٻيھر چالو ڪرائي کين روزگار ڏيئي بک ۽ بدحالي کان بچائي کين راشن مھيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڪوئلي جو کاڻيون چالو نہ ٿيڻ جي صورت ۾ 31 جولائي آچر جي ڏينھن جھمپير حيدرآباد روڊ تي احتجاجي ڌرڻو ھڻي مسئلن جي حل تائين احتجاج کي جاري رکيو ويندو.