گمبٽ(ن پ ا) پ پ ايم پي اي نعيم احمد خان کرل گمبٽ شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ گذريل سال پيل برساتن دوران پاڻي ۾ ٻڏي ۽ گهر جون ڇتيون ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويلن جي وارثن نذير ڀٽي، اجمل کهڙو، فرمان خواجا، لاريب مڱڻيجو،ڪلثوم خاتون کي 10، 10 لک جا چيڪ ڏنا. پ پ ايم پي جو چوڻ هو ته برساتن سبب ماڻهن جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آهي جن جا گھر ڀاتي برساتن سبب فوت ٿيا هئا سنڌ حڪومت انهن جي مدد ڪري پئي ۽ جلد گھرن جا پئسا به ڏنا ويندا ته جيئن ماڻهون پنهنجي ٻچن لاءِ ٻيهر اجھا اڏي بهتر زندگي گذاري سگھن بعد ۾ پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل سب جيل گمبٽ جو دورو ڪيو ۽ قيدين سان ملاقات ڪري هال احوال ورتو، قيدين کي 5 هزار فروٽ لاءِ ڏنا. ان موقعي تي قيدين ۽ مختيارڪار صلاح الدين گھمرو پ پ ايم پي اي کي شڪايت ڪئي ته سب جيل زبول حال آهي ڪنهن به وقت ڇت ڪري سگھي ٿي. مختيار ڪار جو چوڻ هو ته 60 لک سب جيل جي نئين بلڊنگ لاءِ منظور ٿيا هئا پر ڪير هڙپ ڪري ويو ڪا به خبر نه آهي. ڊي سي سميت ٻين اختيارين کي لکيو آهي. پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل قيدين ۽ مختيارڪار جي شڪايت تي چيو ته سب جيل لاءِ آيل 60 لک جي بجيٽ جي جاچ ڪرائي ويندي ۽ جلد پئسا رليز ڪرائي سب جيل جو ڪم ڪرايو ويندو.