ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ جي نگري ۾ فريڊم ڪراپ ڪيئر طرفان هاري ميلو منعقد ڪيو ويو، ڪسان ميلي ۾ قرعه اندازي دوران ٻن خوشنصيبن جا عمري جي ٽڪيٽ لاءِ ڪڻا به نڪتا، ٻن عمري جي ٽڪيٽن سميت 250 ماڻهن لاءِ موٽر سائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم ۽ ٻين انعامات جا قرعه اندازي ذريعي ڪڻا ڪڍيا ويا.  ڪسان ميلي ۾ سکر، نوشهروفيروز، خيرپور. بدين، هالا ، گمبٽ، روهڙي، محراب پور، راڻي پور سميت مختلف شهرن مان 300 جي لڳ ڀڳ ڊيلرن ۽ آبادگارن شرڪت ڪئي، فريڊم ڪراپ ڪيئر طرفان بزنس مئنيجر عنايت علي سوهو جي ميزباني ۾ منعقد ڪيل هاري ميلي جي قرعه اندازي ۾ 250 انعامن جا ڪڻا ڪڍيا ويا جنهن ۾ 76 گفٽ 1000 روپين، ڪي پيڊ موبائيل 100، جوسر مشين 30، ڊنر سيٽ 30، ايل ئي ڊي ٽي وي 5، ٽچ موبائيل 5، چائنا موٽر سائيڪل 5 ۽ عمري جا 2 ٽڪيٽ شامل هئا، قرعه اندازي ۾ ديدار لاشاري ۽ سنيل ڪمار جا عمري جي ٽڪيٽ جا ڪڻا نڪتا جڏهن ته رجب جمالي، محمد رفيق، ڪاشف آرائين، رجب علي ۽ لياقت علي جا قرعه اندازي ذريعي موٽر سائيڪل جا ڪڻا نڪتا آهن جڏهن ته ٻين ڊيلرن جا ٿانو سيٽ، جوسر مشين، ايل ئي ڊي، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڪڻن ذريعي نڪتا آهن، هاري ميلي ۾ سنڌ جي نالي وارن فنڪارن ريشمان پروين، طاهر مٺو ۽ غلام علي سمون پاران هاري ميلي ۾ سرن جي ورکا ڪئي وئي سوين ماڻهن طرفان ڀرپور داد داد ڏنو ويو مختلف شهرن مان ڊيلرن ۽ آبادگارن ميلي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مهمان خاص طورصالب خان سوهو، سيد حاجن شاهه ، فريڊم ڪراپ ڪيئر جو بزنس مئنيجر عنايت علي سوهو، مير باسط ٽالپر، ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، ان موقعي تي عنايت علي سوهو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سالياني قرعه اندازي تقريب آهي جيڪا هن دفعي لطيف جي نگري ڀٽ شاھ ۾ منعقد ڪئي وئي آهي هنن چيو ته فريڊم ڪراپ ڪيئر گذريل 10 سالن کان سنڌ ۾ زميندارن، آبادگارن تائين ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائون پهچائي رهي آهي.