شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو جي ڳوٺ محمد رحيم برفت جو رهواسي 18ورهين جو نوجوان سجاد برفت هڪ هفتي کان پراسرار نموني گم آهي. والد انور برفت جو چوڻ آهي ته سجاد برفت ڪوٽڙي ۾ مائٽن ڏانهن ويندي رستي مان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. هنن نوجوان جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.