پي ٽي آءِ پاران مبينا آڊيو ليڪ معاملو سپريم ڪورٽ خلاف ناڪاري مهم قرار

0
208

لاهور: پي ٽي آءِ  مبينا آڊيو ليڪ معاملو سپريم ڪورٽ خلاف ناڪاري مهم قرار ڏئي ڇڏي آهي

پي ٽي آءِ جي مرڪزي صدر چوڌري پرويز الاهي آڊيو ليڪ معاملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪمرانن کي نه معاشي بحران جو فڪر آهي ۽ نه ئي ملڪي معاملا ٺيڪ ڪرڻ جي وٽن صلاحيت آهي

هن چيو ته اتحادي جماعتون رڳو غير آئيني طور اقتدار کي چنبڙيل رهڻ چاهين ٿيون، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن ملڪ جي هر اداري خلاف مهم شروع ڪئي آهي، ادارن کي تڪراري بڻائڻ جو ماسٽر مائينڊ نواز شريف آهي

پرويز الاهي چيو ته تاريخ جا نااهل حڪمران چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن، ملڪي استحڪام لاءِ چونڊن کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي