باجوا جي مشوري تي پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙيون: عمران جو نئون انڪشاف

0
200

لاهور:تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه جَي مشوري تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون صوبائي اسميبليون ٽوڙيون هيون

هڪ انٽرويو دوران عمران خان چيو ته صدر علوي وٽ ٿيل ملاقات ۾ باجوه چيو هو ته جيڪڏهن نيون چونڊون چاهيو ٿا ته پنهنجيون حڪومتون ختم ڪريو، جنهن بعد مون ٻئي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون

هن الزام هڻندي چيو ته اڳوڻي آرمي چيف باجوه ملازمت وارَي مُدي ۾ واڌ جي رٿا بندي ڪئي هئي، جنرل باجوه جو ڪو به نظريو نه هو، ڄاڻ هجڻ باوجود جنرل باجوه چورن کي اين آر او ڏيڻ تي راضي ٿي ويو

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سپريم ڪورٽ چونڊن لاءِ 14 مئي جي  تاريخ ڏني آهي، حڪومت کي ان تاريخ کان اڳتي وڃڻ نه ڏينداسين، چونڊن کان بچڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کي تڪراري بڻايو پيو وڃي

عمران خان وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي حيثيت ۾ منهنجون ڪالز ريڪارڊ ڪري ليڪ ڪيون ويون، ڇا ملڪ جي ايجنسين کي اهڙو عمل ڪرڻ گهرجي؟ دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ٿيندو

هن چيو ته حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ  جو اختيار اسد قيصر نه پر شاهه محمود قريشي کي ڏنو آهي، ڳالهين لاءِ اڃا تائين هن سان رابطو ناهي ٿيو