اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر اليڪشن ڪميشن پاران وارنٽ جاري ڪرڻ تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن عمران خان، فواد چوڌري ۽ منهنجا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، پنهنجو چونڊون ڪرائڻ وارو ڪم ته ڪري نه ٿا سگهن، اسلام آباد ۾ چونڊون نه ڪرائي اهي پاڻ توهين عدالت جا ذميوار ثابت ٿيا آهن، جڏهن ته فواد چوڌري ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو قابل ضمانت وارنٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توهين آهي، ڪيس جي تاريخ 17 جنوري هئي، جنهن کي رولز جي ڀڃڪڙي ڪري 10 جنوري تي مقرر ڪري فيصلو ڏنو ويو، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جو اهو هڪ ٻيو جانبدار فيصلو آهي، ان فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪنداسين.