اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن سندن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي،  عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس جي لکت  ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڊگهو عرصو گذرڻ کانپوءِ به جوابدارن شوڪاز نوٽيس جو جواب نه ڏنو، جوابدار ڄاڻي واڻي دير ڪري رهيا آهن، جوابدار اليڪشن ڪميشن جي سامهون پيش ٿيڻ ۾ مونجهارن جو شڪار آهن، جيڪو قانون سان مذاق ڪرڻ جي برابر آهي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته عمران خان، فواد چوڌري، اسد عمر جو رويو ناقابل قبول آهي، اهي ڄاڻي واڻي ڪميشن سامهون پيش نه ٿي رهيا آهن، اعليٰ عدالت طرفان اليڪشن ڪميشن کي ڪيس ۾ ڪارروائي جي اجازت ملي چڪي آهي، حاضري کان ڇوٽ جي درخواست سان گڏ ٺوس ثبوت به نه آهن، عمران خان ۽ فواد چوڌري طرفان ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به فراهم نه ڪيا ويا آهن، جوابدارن جا 50 هزار جي مچلڪن کانسواءِ قابل ضمانت وارنٽ جاري ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو نه هو، جوابدارن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪيون ٿا ۽ قابل ضمانت وارنٽ جاري ڪريون ٿا، سندن حاضري کي آءِ جي آفيس اسلام آباد ذريعي 17 جنوري تي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي.