لاهور(م ڊ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پنجاب جي وڏي وزي پرويز الاهي جي اعتماد جي ووٽ واري معاملي تي مسلم ليگ قائد اعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي ٽوڙڻ لاءِ بيڪ ڊور رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب پردي پٺيان رابطن ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ واري ڏينهن ميمبرن کي غيرحاضر رهڻ لاءِ مختلف ترغيبون ڏنيون پيون وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي ميمبرن کي غيرحاضري رهڻ جي صورت ۾ مستقبل ۾ پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جي آڇ پڻ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب پي ڊي ايم طرفان عورتن ۽ اقليتي ميمبرن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لاهور ۾ ديرا ڄمائڻ جو امڪان آهي، هو پنجاب جي وڏ وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي وزيرن جي مدد ڪندو.