پيرولاشاري (ن پ ا) پيرو لاشاري ويجھو ڇهن ٻارن جي پيءُ پاڻ کي وڻ ۾ ٽنگي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. پيرو لاشاري ويجھو ڳوٺ ڳوٺ ھرچند ڪولھيءَ جي رهواسي نوجوان 35 ورهين جي تيرٿ پٽ سترو ڪولھي مبينا طور ڳچيءَ ۾ وڻ ۾ پوتڙو ٻڌي پاڻ کي وڻ ۾ ٽنگي خودڪشي ڪري ڇڏي. بدين پوليس اطلاع ملڻ تي نوجوان جي لاش کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال بدين منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان دماغي توازن صحيح نه ھئڻ سبب ڦاهو کائي خوڪشي ڪئي آهي. هوڏانهن نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان تيرٿ کي ڇهن ٻارن جو اولاد آهي. آپگهات جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.