سڪرنڊ (رپورٽ: نيازچانڊيو) سڪرنڊ مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل عورت شهناز بازياب نه ٿي، پيرسن مايوس ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو. سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ دٻي ڪيريو ۾ پيرسن پنهنجي نياڻي جي اغوا بعد انصاف نه ملڻ تي مايوس ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو. سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ دٻي ۾ ڪيريو جي رھواسي 50 سالن جي پيرسن غلام سرور ڪيريو قبرستان ۾ وڻ ۾ رسو ٻڌي پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ فوتي جي نياڻي شھناز زال گلزار کي نامعلوم ماڻهو اغوا ڪري ويا هئا. آپگهات ڪندڙ پيرسن جي ناٺي گلزار ڪيريو چيو ته منهنجي گهر واري 2 ڏينهن کان گم آھي اسان ٿاڻي جي ايس ايچ او سڪرنڊ کي شڪايت ڪئي ليڪن ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو ان ڪري پيرسن مايوس ٿي ڪري خودڪشي ڪئي آهي.