کپرو (ن پ ا) کپرو تعلقي ميونسپل سامهون ڪيبن هلائيندڙ همراهه کي 3 هٿياربند اغا ڪري کڻي ويا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، واقعي جا تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. تعلقي ميونسپل کپرو آفيس ڀرسان ميرپور خاص روڊ تان ڪيبن هلائيندڙ محمد علي ولد نبي بخش راڄڙ کي هٿياربند مبينا طور اغوا ڪري ويا، سندس وارثن مومن راڄڙ ۽ يار محمد راڄڙ ٿاڻي سامهون پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته محمد علي ڪيبين تي ويٺل هو کيس اسان جي برادري جا ماڻھو اغوا ڪري ويا آھن اهڙي شڪايت کپرو ٿاڻي تي کڻي آيا آھيون. هنن وڌيڪ چيو ته زمين جي معامري تان اڳ جهيڙو هلندڙ آهي جنهن تان سرور راڄڙ، مشتاق علي، غلام علي راڄڙ اسان جي همراهه کي اغوا ڪيو آھي. ٻئي طرف ايس ايچ او چيو ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.