صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) رورل هيلٿ سينٽر پيرجوڳوٺ جي ڊاڪٽر پاران ڪورونا ويڪسين لاءِ آيل ناريءَ کي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ موجب صدرجي ڀٽيون جي رهواسڻ نوجوان ناري (ڪ م) الزام هڻندي چيو آهي ته پيرجوڳوٺ رورل هيلٿ سينٽر جي ڊاڪٽر ڪورونا ويڪسين رجسٽريشن واري رڪارڊ مان منهنجو نمبر ڪڍي مون کي غير اخلاقي ميسجز ۽ ڪال ڪري پريشان ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر اهڙن الزامن کي رد ڪندي چيو ته مون کي بدنام ڪيو پيو وڃي.