باقراڻي (ن پ ا ) باقراڻي تعلقي جي يونيورسٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين عبدالحميد  شر ۽ مهيسر شر ۾ گهٽيءَ جي لنگهه تان جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڌر جو عبدالحميد شر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو، اهڙي واقعي جو ڪيس شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ٿاڻي تي زخمي عبدالحميد شر جي فرياد تي مهيسر شر ، گل حسن شر ، وارث شر سميت چئن ڄڻن مٿان گناھ نمبر 23/2021 ۽ ڏوھ قلم 337F1-F5 504 114 تحت داخل ڪئي وئي ، جڏهن ته يونيورسٽي پوليس ڪارروائي ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي جنهن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا آهن