پوليس مال خاني مان 2 ڪروڙ چوري: پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ملوث قرار

0
390

ڪراچي: آرٽلري ميدان ٿاڻي جي مال خاني مان 2 ڪروڙ، 7لک رپين جي چوري ۾ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ملوث نڪتا، ٽائيم نيوز پوليس اهلڪارن پاران رقم چوري ڪرڻ واري وڊيو هٿ ڪري ورتي

ڊي آءِ جي شرجيل کرل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته واردات جو ماسٽر مائينڊ پوليس اهلڪار راحيل هو، مال خاني جا تالا چاٻيءَ سان کوليا ويا

ان کان اڳ ٿاڻي جون سي سي ٽي وي ڪيمرائون بند ڪيون ويون، چوري ۾ منشي شهباز، اهلڪار راحيل ۽ سيد عزيز ملوث آهن، ٽنهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو آهي

پوليس موجب چوري ٿيل رقم مان جوابدارن وٽان هڪ ڪروڙ 90 لک رپيا هٿ ڪيا ويا آهن

ھي به پڙھندا

سمورا پرڏيھي ھتي اچي رھن ٿا، ڪو ته قبضا مافيا خلاف مثال قائم ڪيو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ