ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته دهشتگردن کي اها خبر نه هئي ته انهن جو مقابلو ڪهڙي فورس سان آهي، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جنهن طريقي سان اڳيان وڌي دهشتگردن سان مقابلو ڪيو ۽ کين خاتمو آندو، ان جو ڪو مثال  نٿو ملي. ڪالهه آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايس ايس يو، آر آر ايف ۽ ڪراچي پوليس آفيس جو دورو ڪيو. ان دوران آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ دهشتگردن سان مقابلو ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن سان فردن فردن مليو ۽ کين شاباس ڏني. آءِ جي سنڌ اهلڪارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي بهادري قابل ستائش آهي، اوهان جي منظم ۽ وقت سر ايڪشن سبب دهشتگردن جو خاتمو ٿيو، جيڪي شهيد ٿيا، انهن کي به داد ڏيان ٿو، اسان پنهنجي شهيدن جي لازوال قربانين کي فراموش نٿا ڪري سگهون، شهيدن جي وارثن جي داد رسي ۽ سندن خيال رکڻ پوليس جي ذميواري آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي پوليس بهادري جي هڪ تاريخ رکي ٿي دهشتگردن سان مقابلو ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي فهرست کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن انهن کي انعام ۽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيون. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪي پي او کي فعال ڪرڻ تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي تعريف ڪئي. آءِ جي سنڌ طرفان سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي جانچ ڪئي وڃي ۽ انهن کي ورڪنگ ڪنڊيشن ۾ رکيو وڃي