اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان قرض معاف ناهن ڪرائيندا، وڏا ڪاروبار گروپس قرض معاف ڪرائيندا آهن، ڪجهه ڪروڙ يا اربن جا نه پر ڪيئي سو ارب جا قرض ملڪي تاريخ ۾ بنا جواز معاف ٿي چڪا آهن، ان بيماري ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو آهي، وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اها ڳالهه غلط آهي ته انفرادي طور بينڪ قرض ڏيندي ته واپس نه ٿي سگهندو، ماضي ۾ 99 سيڪڙو واپسي ٿي هئي، نوجوان ۽ نياڻيون محنت ڪري منافعو ڪمائي قرض واپس ڪندا آهن، اهي قرض معاف ناهن ڪرائيندا پر ڪاروباري ماڻهو منافعو ڪمائي قرض معاف ڪرائيندا آهن، جيڪي ماڻهو چوندا هئا ته شهباز شريف ليپ ٽاپ نوجوانن کي رشوت ۾ ڏئي رهيو آهي اڄ اهي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسن ليپ ٽاپ نوجوانن لاءِ روزگار ۽ تعليم جو ذريعو آهن، نوجوانن کي آئون ليپ ٽاپ ڏئي رهيو آهيان ڪلاشنڪوف نه ڏئي رهيو آهيان. پوري ملڪ ۾ جن شاگردن امتحانن ۾ اي گريڊ يا وڌيڪ مارڪون کنيون آهن انهن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا.وزيراعظم چيو ته معاشي صورتحال سبب ڪفايت شعاري پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن سان 200 ارب بچت ٿيندي، ان موقعي تي وزيراعظم فري لانسر ڪارڊ به جاري ڪيو.