حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت هلندڙ سال سنڌ ۾ 1.40 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو آهي. ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ضلعن جا ٽارگيٽ به مقرر ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ خوراڪ کاتي پاران سنڌ جي سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ ۽ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرز کي ليٽر جاري ڪندي چيو ويو آهي ته سنڌ ڪابينا جو 9 فيبروري 2023ع تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي. ان ئي ميٽنگ جي روشني ۾ ضلعن جا ٽارگيٽ به مقرر ڪيا ويا آهن. مقرر ڪيل ٽارگيٽ تحت حيدرآباد ڊويزن مان 197.0 ميٽرڪ ٽن، ميرپورخاص ڊويزن مان 46.5 ميٽرڪ ٽن، شهيد بينظير آباد مان 350.0 ميٽرڪ ٽن، سکر ڊويزن مان 366.5 ميٽرڪ ٽن ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن مان 410.0 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي. خط ۾ لاڳاپيل اختيارين کي چيو ويو آهي ته هو ڪڻڪ جي مقرر ڪيل هدف تحت خريداري لاءِ ضروري قدم کڻن.