پنوعاقل ( ن پ ا) ضلعي ڪائونسل سکر جي ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي خلاف پوري سنڌ جيان آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن سکر ڊويزن جي سڏ تي ٽائون ڪاميٽي پنوعاقل جي ملازمن به احتجاج ريڪارڊ ڪرايو،  ضلعي ڪائونسل انتظاميه فرحاد شاهه ۽ ايڊمنسٽريٽر اعجاز پلهه پاران ضلعي ڪائونسل سکر جي ملازمن جون ڏهه ھزار کان ويهه ھزار تائين بنا جواز پگھارون ڪٽي 19 لک ھڙپ ڪيا آهن جيڪو ظلم ۽ انصافي آهي. ملازمن ضلعي ڪائونسل انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته بنا دير ملازمن کي ڪٽيل پگھارون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.